- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن کي آڇ ڪري گڏ ويهڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ويهڻ گهرجي، عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ن اڪثريتي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي.
لاهور ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته عام چونڊن ۾ ن ليگ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي، هنن تي فرض بڻجي ٿو ته ملڪ کي ڏکيائن مان ڪڍن.
هن چيو ته هو سڀني پارٽين جي مينڊيٽ جو احترام ڪن ٿا، ڀلي اها سياسي پارٽي هجي يا آزاد اميدوار انهن کي به دعوت ڏين ٿا، زخمي پاڪستان کي ڏکيائن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏ ويهڻ گهرجي، سندن ايجنڊا صرف خوشحال پاڪستان آهي.
سندس چوڻ هو ته هنن پنهنجي دور ۾ ملڪ کي معاشي ڏکيائن مان ڪڍيو ۽ معيشيت کي بهتر ڪيو، کين مينڊيٽ مليو آهي ضروري آهي ته سموريون پارٽيون گڏجي ملڪ کي ڏکيائن مان ڪڍن، هي سڀني جو ملڪ آهي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته سياستدان، پارليامينٽ، فوج، ميڊيا گڏجي هاڪاري ڪردار ادا ڪن، ملڪ ۾ استحڪام لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال گهرجن، پاڪستان هن وقت ڪو ٽڪراءُ برداشت نٿو ڪري سگهي، گڏجي ويهڻو پوندو ۽ معاملا طئي ڪرڻا پوندا.
نواز شريف اڪثريت نه هئڻ تي اتحادي حڪومت ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته شهباز شريف کي آصف زرداري، فضل الرحمان ۽ خالد مقبول صديقي سان ملاقات جو ٽاسڪ ڏنو آهي.- Advertisement -
