تازه ترين

چونڊون کٽڻ ۽ هارائڻ جو مقابلو نه پر عوامي مينڊيٽ  جو تعين ڪرڻ  جي مشق آهي : آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف پرامن ۽ ڪامياب  چونڊون ٿيڻ تي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن، جنرل عاصم منير چيو آهي ته چونڊون کٽڻ ۽ هارائڻ جو مقابلو نه پر عوامي مينڊيٽ  جو تعين ڪرڻ  جي مشق آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف عام چونڊون ڪرائڻ تي نگران حڪومت، اليڪشن ڪميشن ۽ سياسي پارٽين کي واڌايون ڏنيون آهن. پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف اليڪشن ۾ کٽيندڙ اميدوارن کي به مبارڪون ڏنيون آهن. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته عوام جي ووٽ لاءِ آزاداڻي شرڪت جمهوريت لاءِ سندن عزم جو ثبوت آهي. آرمي چيف چيو ته ڏکين حالتن باوجود چونڊن لاءِ محفوظ ماحول  پيدا ڪرڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وڌيڪ واکاڻ جا حقدار آهن. جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته ميڊيا، سول انتظاميا ۽ عدليه جي ميمبرن جي تعميري ڪردار جي ڪري ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي چونڊ مشق کي ڪامياب بڻائڻ ممڪن ٿيو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته چونڊون ۽ جمهوريت پاڪستان جي عوام جي خدمت جو ذريعو آهن، اليڪشن کٽڻ ۽ هارائڻ ڪو مقابلو نه پر عوامي مينڊيٽ جو تعين ڪرڻ  جي مشق آهي. آرمي چيف چيو آهي ته جمهوري قوتن جي نمائنده حڪومت ملڪ جي سياست کي قومي مقصد سان گڏ بهتر نموني پيش ڪندي. جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جَي عوام آئين تي گڏيل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، سياسي پارٽين کي گهرجي ته هو سياسي پختگي ۽ اتحاد سان گڏ قوم جي اعتماد جو جواب ڏين. آرمي چيف چيو ته 25 ڪروڙ آبادي واري ترقي پسند ملڪ لاءِ انتشار مناسب ناهي، خواهش آهي ته چونڊون سياسي ۽ معاشي استحڪام آڻينديون،  دعا آهي ته هي اليڪشن پاڪستان ۾ امن ۽ خوشحالي آڻي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
33.4 ° C
33.4 °
33.4 °
22 %
5.1kmh
0 %
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
36 °

تازه ترين خبرون