- Advertisement -
مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان مستقبل ۾ گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت ۾ اهم ملاقات ٿي.
ن ليگ طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ايم ڪيو ايم پاران خالد مقبول صديقي وفد جي قيادت ڪئي.
ملاقات ۾ مسلم ليگ نون جو صدر شهباز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، اياز صادق، خواجا سعد رفيق، مريم اورنگزيب ۽ راڻا مشهود شرڪت ڪئي.
ايم ڪيو ايم وفد ۾ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال شامل هئا.
ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن ۾ صلاح مشوري جو سلسلو تقريبن هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهيو.
ملاقات ۾ وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ بابت تفصيلي صلاح مشورو ڪيو ۽ تجويزن تي خيالن ڏي وٺ ٿي.
مسلم ليگ نون، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ ۾ ٺاهه ڪرائڻ تي به راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
اڳواڻن مجموعي سياسي صورتحال ۽ هن وقت تائين ٿيل رابطن بابت هڪٻئي کي اعتماد ۾ ورتو.
ان کان اڳ رائيونڊ آمد تي مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف، صدر شهباز شريف ۽ ٻين ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو آڌرڀاءُ ڪيو.- Advertisement -
