- Advertisement -
پيپلز پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي،
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي سي اي سي اجلاس ۾ عام چونڊن بعد صورتحال تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ عام چونڊن جي نتيجن سميت ٻين معاملن تي به غور ويچار ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس دوران مسلم ليگ نون سان ٿيل شروعاتي ڳالهين بابت به غور ٿيندو.
ذريعن موجب، آزاد ميمبرن جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت سميت ٻين معاملن تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا.- Advertisement -
