- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان مـَيٿو مـِلر چيو آهي ته امريڪا پاڪستان ۾ چونڊ ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهي ٿو، ان جو جائزو وٺندو رهندو.
آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر پريس بريفنگ ۾ چيو ته هو ان حڪومت سان گڏ ڪم ڪندا جنهن کي پاڪستاني عوام چونڊيو آهي، ڌانڌلي جي دعوائن جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهين ٿا.
هن چيو ته ڌانڌلي جي الزامن جي مڪمل جاچ جي ضرورت آهي، بي ضابطگين جي جاچ ٿيڻ گهرجي پر جمهوري عمل جو به احترام ڪن ٿا.
هن چيو ته هو قانون جي بالادستي، آئين جو احترام، آزاد صحافت، متحرڪ سول سوسائٽي، سياسي ۽ چونڊن ۾ ٿيندڙ تشدد جي مذمت ڪن ٿا، انٽرنيٽ، فون سروس تي پابندي، انهن قدمن سان چونڊ عمل تي منفي اثر پوڻ جون دعوائون آهن مداخلت، ڌانڌلي جي پاڪستاني قانوني نظام تحت مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان جو قانوني نظام آزاداڻي جاچ لاءِ پهريون مناسب قدم هوندو، هو سمجهن ٿا ته هي اهو ئي قدم آهي جيڪو کڻڻ گهرجي.- Advertisement -
