تازه ترين

ڪي پي ۾ جماعت اسلامي سان حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي علي امين گنڊا پور کي نئون وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
تحريڪ انصاف وفاق ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم جڏهن ته ڪي پي ۾ جماعت اسلامي سان حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪندي علي امين گنڊا پور کي نئون وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري اطلاعات ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر رئوف حسن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مرڪز ۽ پنجاب ۾ ايم ڊبليو ايم سان گڏجي حڪومت ٺاهي ويندي جڏهن ته ڪي پي ۾ جماعت اسلامي سان اتحاد قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته کيس خان صاحب مختلف پارٽين سان رابطن جي ذميواري ڏني آهي،  پي ٽي آءِ جي باني موجب وٽن وقت تمام گهٽ آهي. سندس چوڻ هو ته مني لانڊرنگ جي ڏوهاري کي ملڪ تي مڙهيو پيو وڃي،  پي ٽي آءِ جي باني جو پيغام آهي ته چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ حڪومت ٺاهڻ ڏني وڃي. رئوف حسن چيو ته ڪي پي ۾ علي امين گنڊا پور حڪومت ٺاهيندو ۽ عامر ڊوگر کي  قومي اسيمبلي ۾ چيف وهيپ چونڊيو ويو آهي. هن چيو ته انٽرا پارٽي چونڊ جيترو جلد ٿي سگهي ڪرائي وڃي، ڪي پي ۾ حڪومت ٺاهڻ طرف وڃي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون