- Advertisement -
ملڪ ۾ نئين حڪومت ٺهڻ کان اڳ عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ڊيزل جي اگهن ۾ ساڍا 7 رپيا في لٽر تائين اضافي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 86 پيسا في لٽر واڌ ٿي سگهي ٿي.
ذريعن موجب، لائٽ ڊيزل جي اگهن ۾ 2 رپيا 82 پيسا في لٽر واڌ جو امڪان آهي جڏهن ته گاسليٽ جي قيمتن ۾ هڪ رپيو 7 پيسا في لٽر اضافو ٿي سگهي ٿو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته برني آئل مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي.- Advertisement -
