- Advertisement -
ڪراچي ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم پاران ڪيميڪل مليل کير جي شڪايت تي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران شهر ۾ کير ۽ چانهه جي دڪانن جو معائنو ڪيو ويو .
سنڌ فوڊ اٿارٽي پاران دڪانن تان کير ۽ پتي جا 100 کان وڌيڪ نمونا جمع ڪيا ويا.
دڪانن تان حاصل ڪيل نمونا چڪاس لاءِ ڪراچي يونيورسٽي جي ليبارٽري موڪليا ويا.
ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته رمضان شريف جي مهيني ۾ ملاوٽ کان پاڪ کير ۽ چانهه کي يقيني بڻايو ويندو.- Advertisement -
