پيپلزپارٽي چوندي رهي اليڪشن ٿي وڃي آخرڪار ٿي وئي: نثار کهڙو

- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته پيپلزپارٽي چوندي رهي اليڪشن ٿي وڃي آخرڪار ٿي وئي، ڪجهه ماڻهو آزاد اميدوار طور بيٺا ۽ سندن پارٽي جي به ناڪامي ٿي ته اهي ڪنهن پارٽي جي پليٽ فارم تان نه اچي سگهيا، هنن اهو مناسب سمجهيو ته گڏ ٿي اسيمبلين کي بحال رکن. حيدرآباد ۾ پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته پيپلز پارٽي اسيمبلي تي يقين رکندي اهو فيصلو ڪيو ته اوهان جو حصو نه ٿيندي اوهان سان گڏ هوندا، هو ڪابينا جو حصو نه ٿيندا ساڻن گڏ ويھڻ جو فيصلو ڪيو. سندس چوڻ هو ته پير پاڳاري وارن اليڪشن کي سنجيده نه ورتو جنهنڪري هو ناڪام ٿيا، ايم ڪيو ايم سان گڏ ٿي بيٺا. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته پير پاڳاري تي افسوس آهي سياست جو حصو نه ٿو ٿئي، جڏهن ان کي خبر هئي ته کٽن نٿا ته پوءِ اليڪشن جو حصو ڇو بڻيا. هن چيو ته پير پاڳاري کي اها خبر آهي ته هو جيڪا ڳالھه ڪري ٿو ته آرٽيڪل 6 جي زمري ۾ ته نه ٿو اچي، پير صاحب ڪورٽ کي به چيلينج ڪري رهيو آهي ڪورٽ کي قدم کڻڻ گهرجي. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته هو سياسي ماڻهو ٿي ڪري مارشلا جي ڳالھه ڪري رهيو آهي، افسوس جي ڳالھه آھي. نثار کهڙي چيو ته عوام جو مينڊيٽ پير پاڳاري  کي قبول ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي وڏي وزير جو فيصلو پيپلز پارٽي فيصلو ڪندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
13 ° C
13 °
13 °
34%
2.2m/s
52%
اربع
13 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون