- Advertisement -
اسرائيلي فوج جا رهائشي علائقن ۽ اسپتالن تي حملا جاري آهن، النصر اسپتال غير فعال هجڻ سبب 8 مريض حياتي وڃائي ويٺا.
غزه جي صحت واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾107 فلسطيني شهيد ۽ 145 زخمي ٿيا آهن، شهيد فلسطينين جو تعداد 29 هزار کان وڌي ويو آهي.
ٻئي پاسي خان يونس ۾ اسرائيلي فوج تي حماس طرفان حملا ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ڪيترن ئي اسرائيلي فوجين کي مارڻ ۽ ڪيترن ئي کي زخمي ڪرڻ جي دعوى ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي اسرائيل رمضان تائين اسرائيلي يرغمالي آزادي نه ٿيڻ جي صورت ۾ رفح اندر زميني آپريشن جو اعلان ڪيو آهي.
ٻئي پاسي يورپي يونين اسرائيلي کي رفح تي حملو ڪرڻ کان خبردار ڪندي فوري جنگ بندي تي زور ڏنو آهي.
يورپي يونين جي 26 ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي کي خبردار ڪيون ٿا ته رفح تي حملي کان پاسو ڪري، رفح ۾ 15 لک پناهگير آهن، حملي جي صورت ۾ وڌيڪ تباهه ٿيندي.
ٻئي طرف فرانسيسي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته لبناني فوجي تنظيم حزب الله وٽ ڳجهن سرنگهن جو نيٽ ورڪ آهي جيڪو غزه جي پٽي ۾ حماس جي قائم ڪيل نيٽ ورڪ کان به وڌيڪ جديد آهي، جيڪو اسرائيل تائين پکڙيل آهي.- Advertisement -
