- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقتدار لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان سوديبازيءَ جو الزامن رد ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن به قسم جي سوديبازي جون ڳالهيون بي بنياد آهن، جيڪڏهن ڪنهن سان ملاقات ڪئي ته ڪهڙُو آئين ۽ جمهوريت خلاف آهي، مولانا ڪو الزام هنيو آهي ته کائنس ئي پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان ڪنهن به قسم جي سوديبازي جون ڳالهيون بي بنياد آهن، جيڪڏهن ڪنهن سان ملاقات ڪئي ته ڪهڙُو آئين ۽ جمهوريت خلاف آهي، مولانا ڪو الزام هنيو آهي ته کائنس ئي پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جا آزاد اميدوار وڏي انگ ۾ ڪامياب ٿيا آهن پر ڳالهين لاءِ تيار نه آهن، جيڪڏهن ڪو پ پ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي ته کين شرط قبول ڪرڻا پوندا.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي شرطن تي ڪي ڳالهيون نه ٿينديون، حڪومت ٺاهڻ ۾ دير ٿي ته جمهوريت کي نقصان ٿي سگهي ٿو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ جي ذميوار مسلم ليگ ن جي ڳالهين واري ٽيم آهي.
هن چيو ته سياسي پارٽين کي جمهوري نظام بچائڻ لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي عدالتي قتل آهي.
سندس چوڻ هو ته عدليه کي تاريخ درست ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن قتل ٿيو آهي ته اهو نه ٿو چئي سگهجي ته 100 سال گذري ويا آهن.- Advertisement -
