سپريم ڪورٽ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ  8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس، جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي شامل هئا. سپريم ڪورٽ 19 فيبروري تي بچاءَ واري وزارت ذريعي نوٽيس جاري ڪيو هو، پر برگيڊيئر رٽائرڊ علي خان عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پوليس به  درخواست گذار جي گهر وئي هئي، بچاءَ واري وزارت ذريعي کيس  نوٽيس موڪليو ويو، پر علي خان گهر ۾ نه هيو، نوٽيس گهر جي گيٽ تي لڳايو ويو آهي. چيف جسٽس، جسٽس  قاضي فائز عيسيٰ پڇاڻو ڪيو ته علي خان ڪير آهي؟. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته درخواستگذار علي خان رٽائرڊ برگيڊيئر آهي، جنهن جو 2012 ۾ ڪورٽ مارشل به ٿيو هو، ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو آهي، هن سپريم ڪورٽ کي بحرين وڃڻ لاءِ اي ميل موڪلي هئي. سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي ٿيندڙ چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪندي درخواستگذار تي 5 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته رياست ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته جنهن شخص جو ڪورٽ مارشل ٿيو آهي  اهو برگيڊيئر جو عهدو استعمال نه ڪري. واضح رهي  ته شهري علي خان اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي جاچ ۽ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جي درخواست ڪئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
30%
2m/s
29%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
21 °
آچر
23 °
سُومر
22 °

تازه ترين خبرون