- Advertisement -
اڏيرو لال ۾ حيسڪو پاران بجلي چورن خلاف ڪارروائي دوران ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو.
حيسڪو لائن مين جي فرياد تي ڳوٺ ڌالو خاصخلي واسي ٽن ڄڻن علي ڏنو خاصخيلي، علي گل ۽ محمد علي خاصخيلي خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو.
ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته علي ڏنو خاصخيلي، علي گل ۽ محمد علي خاصخيلي بجلي چوري ڪري رهيا هئا.
حيسڪو عملدارن جو چوڻ آهي ته بجلي چورن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.- Advertisement -
