- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان سـُني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ بابت حتمي فيصلو اڄ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ واري درخواست تي اليڪشن ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو جنهن ۾ سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي غور ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽون ڏيڻ بابت حتمي فيصلو ڪندو.
اليڪشن ڪميشن گذريل ڏينهن سياسي پارٽين کي مخصوص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل کي ڪوٽا ملڻ تي 4 ڏهائي 5 جي تناسب سان مخصوص سيٽون ملنديون.
ذريعن موجب جيڪڏهن سني اتحاد ڪائونسل کي ڪوٽا نه ملي ته سياسي پارٽين کي 3 جي تناسب سان مخصوص سيٽون ملنديون.
واضح رهي ته سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه قومي اسيمبلي جي 86 آزاد اميدوارن جا حلف ناما اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.- Advertisement -
