تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آءِ ايم ايف کي خط لکڻ افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل آهي : اسحاق ڊار

- Advertisement -
ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ افسوس ۽ مذمت جوڳو عمل آهي، پاڪستاني عوام جا مسئلا حل ڪرڻ چئلينج کان گهٽ ناهي، تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکي ملڪ دشمني ثابت ڪري رهي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته تحريڪ انصاف جو آءِ ايم ايف کي خط لڳڻ افسوسناڪ ۽ مذمت جوڳو آهي، هن وقت ملڪ جو چئلينج عوام جون تڪليفون ختم ڪرڻ آهي، معاشي حالتن کي درست ڪرڻ وڏو چئلينج آهي. سندس چوڻ ته پاڪستان ۾ غربت جو خاتمو ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي، هن ملڪ جي معيشت 2017ع ۾ 24هين وڏي معيشت بڻجي وئي هئي، 2017ع ۾ رڳو 4 سيڪڙو مهانگائي ۽ 6 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ هئي. ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته 2017ع ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا اعليٰ ترين سطح تي هئا، جنهن جو اڄ تائين رڪارڊ ناهي ٽٽو، پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ سڄي دنيا ۾ پنجين نمبر تي هئي، پر ڊان ۽ پاناما ڊرامي جي نتيجي ۾ سندن 24هين معيشيت 47هين معيشيت بڻجي وئي. هن چيو ته نواز شريف صوبائي ۽ وفاقي معاملن ۾ پارٽي جي رهنمائي ڪري رهيو آهي،  اهو چوڻ ته نواز شريف گم ٿي ويو آهي مناسب لفظ نه آهن، نواز شريف بلڪل موجود آهي. ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته نه نگران وزيراعظم سندس خواهش هئي، ناڻي واري وزير جو فيصلو کيس ناهي ڪرڻو قيادت فيصلو ڪندي آهي. اسحاق ڊار چيو ته هو اپوزيشن ۾ هجن يا حڪومت ۾ هجن، گڏجي پاڪستان کي هن بحران مان ڪڍندا، پنهنجي دشمنن کي ثابت ڪري ڏيکاريندا ته پاڪستان جي معاملن کي پاڻ سنڀالي سگهن ٿا…………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون