- Advertisement -
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) هڪ مهيني لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 7 رپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
نيپرا بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب بجلي جي اگهن ۾ واڌ جنوري جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي ڪري ڪئي وئي آهي.
نيپرا جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته واڌ مارچ جي بلن ۾ ڪئي ويندي.
صارفين تي جي ايس ٽي سميت 66 ارب رپين جو اضافي بار پوندو جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ صارفين بجلي جي اگهن ۾ واڌ کان آجا هوندا.- Advertisement -
