- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، پي ٽي آءِ پاران آءِ ايم ايف کي خط لکڻ کي ملڪ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکڻ ملڪ دشمني برابر آهي.
هن چيو ته اهڙا خط اهي ئي لکي سگهن ٿا جن جي اها روايت رهي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪا به سياسي پارٽي اهڙو خط نٿي لکي سگهي.
تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکي مطالبو ڪيو هو ته مالياتي ادارو ٻن هفتن اندر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 30 سيڪڙو سيٽن جي آڊٽ کي يقيني بڻائي.- Advertisement -
