سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ ماڙي جلباڻي واقعي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شهيد بينظيرآباد جي ڊي آءِ جي واقعي جي عبوري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ ماڙي جلباڻي واقعي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، شهيد بينظيرآباد جي ڊي آءِ جي واقعي جي عبوري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽ جي سربراهي م ماڙي جلباڻي واقعي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. شهيد بينظير آباد جو ڊي آءِ جي، جاچ آفيسر ۽ ٻيا عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. شهيد بينظيرآباد جي ڊي آءِ جي واقعي جي عبوري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. رپورٽ موجب جوابدارن جي ڳولا لاءِ مختلف قدم کنيا پيا وڃن، ڪال رڪاڊنگ ۽ جيو فينسنگ جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن بعد جوابدرن جو تعين ڪيو ويندو. پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته واقعي بابت درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، درخواست جڊيشل ڪميشن لاءِ داخل ڪئي وئي هئي، اي ٽي سي ۾ چالان جمع ٿي چڪو آهي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ه رينجرز جا ڪمينٽس اچي ويا آهن، پر اسان کي ڪاپ فراهم نه ڪئي وئي آهي. عدالت پراسيڪيوٽر جنرل جي استدعا رد ڪندي درخواستگذار جي وڪيلن کي ڪمنيٽس جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ڊي آءِ جي، حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سرڪاري وڪيل چيو ته شهيد بينظير آباد جي ڊي آءِ جي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش ٿيڻ سان پوليس جو ڪم متاثر ٿئي ٿو. عدالت ڊي آءِ جي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جاچ پوليس کي ڪرڻي آهي ۽ عدالت کي آگاهه ڪرڻو آهي، جيڪڏهن ڊي آءِ جي نه ايندو ته آءِ جي کي اچڻو پوندو، انصاف لاءِ جنهن کي به گهرائڻو پيو گهرائينداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
30%
2.7m/s
71%
اڱارو
23 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون