خانپور:ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان 2 ڄڻا مٻينا طور اغوا

- Advertisement -
خانپور ۾ اغوا ٿيل ٻن ڄڻن جي بازيابي لاءِ پهوڙ برادري جي ماڻهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. مغوي بشير پهوڙ ۽ ثناءُ الله سومرو جي بازيابي لاءِ پهوڙ برادري جي ماڻهن پارن انڊس هاءِ وي تي شجراع لاڙي وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ڌرڻي سبب انڊس هاءِ وي تي گاڏين جون قطارون لڳي ويون. مظاهرين جو چوڻ هو ته خانپور تعلقو ڏوهارين حوالي ڪيو ويو آهي، پوليس امن بحال ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته لنڪ روڊ تان هٿياربند بشير پهوڙ ۽ ثناءُ الله سومري کي اغوا ڪري ويا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي. واضح رهي ته گذريل رات دير سان ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان هٿياربند پنجن ڄڻن کان ڦرلٽ ڪرڻ بعد مبينا طور ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
30%
2.7m/s
71%
اڱارو
23 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون