- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ملڪ جي 14هين صدر جي چونڊ ٿي رهي آهي، کين اميد آهي ته آصف علي زرداري ملڪ جو 14هون صدر چونڊجي ويندو، 18هين آئيني ترميم، سرحد صوبي کي خيبرپختونخوا جو نالو ڏيڻ ۽ بلوچستان ۾ حقن جي پيڪيج جي شروعات آصف زرداري جا نمايان ڪارناما آهن.
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ پهچي ويو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته صوبائي اسيمبليءَ ۾ ملڪ جي 14هين صدر جي چونڊ ٿي رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته کين اميد آهي ته آصف علي زرداري ملڪ جو 14هون صدر چونڊجي ويندو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 18هين آئيني ترميم، سرحد صوبي کي خيبرپختونخوا جو نالو ڏيڻ ۽ بلوچستان ۾ حقن جي پيڪيج جي شروعات آصف زرداري جا نمايان ڪارناما آهن…………- Advertisement -
