- Advertisement -
ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ٽيڪسيشن جو نظام اثرائتو ۽ منظم بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا ويندا.
شرجيل ميمڻ ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي عملدارن سان ملاقات ڪري کاتن ۾ انقلابي قدمن ۽ سڌارن جي هدايت ڪئي.
ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جي سيڪريٽري عاطف الرحمان ۽ ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري اسد ضامن سينيئر وزيرن کي کاتن بابت بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته ٽيڪسيشن جو نظام اثرائتو ۽ منظم بڻائڻ لاءِ انقلابي قدم کنيا وڃن.
شرجيل ميمڻ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن جو اهم اجلاس پڻ طلب ڪري ورتو آهي.
صوبائي وزير ٽرانسپورٽ واري سيڪريٽري اسد ضامن ۽ ايم سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دائي کي هدايت ڪئي ته عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي بهترين سفري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.- Advertisement -
