سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. گهوٽڪي باءِ پاس وٽ مسافر بس جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. حادثي ۾ ڳوٺ گلڻ لغاري واسي اعجاز لغاري ۽ عورت حسينه لغاري فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. فوجي فائونڊيشن ڀرسان سامارو روڊ تي  حادثي ۾ احسان الله آرائين فوت ۽ يونس ڌونڪائي زخمي ٿي پيو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي  فوتيءَ جو لاش ۽ زخمي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. حادثي ۾ فوت ٿيل جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
32%
4m/s
6%
خميس
21 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
27 °
آچر
25 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون