- Advertisement -
پاڪستان جي ڏهاڙي جي حوالي سان سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ تقريبون جاري آهن.
ڏينهن جي شروعات تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ قومي جهنڊن جي ڦڙڪائڻ واريون تقريبون ڪوٺايون ويون.
ان موقعي تي مسجدن ۾ قرآن خواني ۽ ملڪي سلامتي سميت شهيدن جي بلند درجن لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
پاڪستان جي ڏهاڙي تي قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص مزار قائد تي حاضري ڀري گل رکي ملڪ جي سلامتي لاءِ دعا گهري.
سنڌ رينجرز جي مقامي ڪمانڊرز قومي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي پيش ڪئي، مک تقريب هيڊ ڪوارٽرز پاڪستان رينجرز سنڌ ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي.
سنڌ رينجرز جي دستن به قومي جهنڊي کي سلامي پيش ڪئي.
پاڪستان جي ڏهاڙي تي شهر جي مک علائقن ۽ اهم شاهراهن کي به سجايو ويو……….- Advertisement -
