- Advertisement -
پاڪستان طرفان غزه ۾ فوري جنگ بندي جي حوالي سان سلامتي ڪائونسل ۾ ٺهراءُ منظور ٿيڻ جي آجيان ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي آفيس جـِي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته غزه ۾ فوري جنگ بندي لاءِ سلامتي ڪائونسل ۾ منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ رمضان المبارڪ ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، غزه ۾ امداد جي فراهمي ۽ شهرين جي تحفظ جي مطالبي جي آجيان ڪري ٿي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا اسرائيل طرفان طاقت جي انڌي استعمال جي مذمت ڪئي آهي.
هن چيو ته پاڪستان سلامتي ڪائونسل ۾ منطور ڪيل ٺهراءُ تي تيزي سان عملدرآمد جو مطالبو ڪري ٿو، اميد آهي ته اسرائيل جي وحشياڻا حملا ختم ۽ مستقل جنگ بندي کي يقيني بڻايو ويندو، هي قدم غزه ۾ موجوده سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان خودمختار فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت جاري رکندو.- Advertisement -
