خيبرپختونخوا جي ضلعي شانگلا ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب پنجن چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي

- Advertisement -
  خيبرپختونخوا جي ضلعي شانگلا ۾ آپگهاتي ڌماڪي سبب پنجن چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا، وزيراعظم شهبازشريف چيني سفارتخاني پهچي سفير سان تعزيت ڪئي، سندس چوڻ آهي ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻايون وينديون، دهشتگردي جي ناسور  جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. شانگلا جي علائقي بشام ۾ آپگهاتي بمبار بارود سان ڀريل گاڏي چيني انجنيئرن جي گاڏيءَ سان ٽڪرائي ڇڏي، جنهن سبب زوردار ڌماڪو ٿيو. ڌماڪي سبب پنجن چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا. اطلاع ملڻ تي سڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي امدادي ڪارروايون ڪيون. مالاڪنڊ جي ڊي آءِ جي موجب گاڏي اسلام آباد کان ڪوهستان وڃي رهي هئي، چيني انجنيئر  اسلام آباد کان داسو ڪيمپ وڃي رهيا هئا ته بشام ۾ حملو ٿيو. هن چيو ته آپگهاتي حملي ۾ پنجن چيني شهرين سميت 6 ڄڻا مارجي ويا. چيني مسافرن جي گاڏيءَ جو ڊرائيو حملي ۾ زخمي ٿيو آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بشام دهشتگردي بعد وزيراعظم شهبازشريف اسلام آباد ۾ قائم چيني سفارتخاني پهچي چيني سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪري پنجن چيني شهرين جي مارجڻ تي ساڻس تعزيت ڪئي. سندس چوڻ هو ته هن سميت سموري قوم جون همدرديون مارجي ويل چيني شهرين جي گهرڀاتين سان گڏ آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت واقعي جي اعليٰ سطحي ۽ جلد جاچ ڪري ذميوارن توڙي مددگارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي. شهبازشريف، چيني سفير سان ملاقات دوران چيني صدر ۽  وزيراعظم لاءِ تعزيتي پيغام پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ واريون ڪوششون ناڪام بڻايون وينديون. هن چيو ته سي پيڪ دشمنن هڪ ڀيرو ٻيهر بزدلاڻي حرڪت ڪري ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، دشمن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻايا ويندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور  جي خاتمي تائين دهشتگردي خلاف جنگ جاري رهندي. چيني سفير  وزيراعظم جي سفارتخاني آمد ۽ واقعي جي جاچ ۾ ذاتي دلچسپي تي سندس ٿورا مڃيا. چيني سفارتخاني آمد تي  پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءَ وارو وزير عطا تارڙ ۽ طارق فاطمي به وزيراعظم سان گڏ هئا…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
38%
1.8m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون