- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ بشام ۾ چيني شهرين تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.
صدر آصف زرداريءَ آپگهاتي حملي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي گهرباتين ۽ چيني حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪيو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان دشمن قوتون پاڪ چين دوستي کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪنهن به صورت ڪامياب نه ٿينديون.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ حملي جي مذمت ڪندي چيو ته بشام واقعي جا جوابدار سزا کان بچي نه سگهندا.
هن مطالبو ڪيو ته بشام دهشتگردي جي رٿابندي ڪندڙن ۽ مددگارن کي وائکو ڪري سخت سزا ڏني وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري چيني شهرين جي مارجڻ تي چيني سرڪار سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻين به بشام حملي جي مذمت ڪئي آهي- Advertisement -
