- Advertisement -
چين شانگلا ۾ گاڏيءَ تي آپگهاتي حملي ۾ پنهنجي شهرين جي مارجڻ واري واقعي جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
شانگلا ۾ آپگهاتي حملي بعد چيني سفارتخاني قونصل طرفان جاري ڪيل بيان ۾ واقعي جي مذمت ڪئي وئي.
بيان ۾ چيو ويو ته دهشتگرد حملي ۾ ٻنهي ملڪن جي متاثرن سان هو افسوس جو اظهار ڪن ٿا.
جاري ڪيل بيان ۾ شانگلا ۾ گاڏيءَ تي آپگهاتي حملي ۾ پنهنجي شهرين جي مارجڻ واري واقعي جي مڪمل جاچ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو.
چيني سفارتخاني چيو ته پاڪستان ۾ موجود چيني شهري ۽ ڪمپنيون مقامي سڪيورٽي صورتحال تي ڌيان رکن.- Advertisement -
