- Advertisement -
حڪومت طرفان مهانگائي جي پيڙهيل عوام تي پئٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون، پئٽرول جي اگهه ۾ 10 رپيه في لٽر اضافي ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 30 پئسا لاٿ جو امڪان آهي.
حڪومت طرفان ايندڙ مهيني جي پهرين 15 ڏينهن لاءِ پهرين اپريل کان پيٽرول جي قيمتن ۾ 9 رپيا 94 پيسا في لٽر اضافو ڪرڻ جو امڪان آهي.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اضافي جو وڏو سبب آمريڪي ڪمپني موگاس پنهنجي پيداوار گهٽ ڪري ڇڏي آهي ۽ آمريڪي حڪومر پاران موٽر اسپرٽ ٻاهران گهرائڻ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب عالمي منڊي ۾ پيٽروليم شين جا اگهه وڌي ويا آهن.
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ هڪ رپيو 30 پيسا في لٽر گهٽتائي جو امڪان آهي ڇو ته عاملي منڊي ۾ ڊيزل جي گهرج گهٽ ۽ پيداوار وڌيڪ آهي.
حڪومت ۽ صنعتي ذريعن موجب، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ پهرين اپريل کان 15 اپريل تائين لاءِ قيمت 279 رپيا 75 پيسا مان وڌائي 289 رپيا 69 پيسا في لٽر ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 285 رپيا 49 پيسا مان گهٽائي 284 رپيا 26 پيسا ٿي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 45 پيسا مان واڌ بعد 168 رپيا 63 پيسا ٿي سگهي ٿي جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 188 رپيا 49 پيسا مان وڌائي 188 رپيا 66 پيسا ٿي سگهي ٿي.- Advertisement -
