تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ سياسي سماجي ڌرين، اقليتي برادري ۽ شهرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. اڏيري لال ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قيصر سنهڙو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ملڪاڻي شريف ۾ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ نوجوان آزاد اتحاد جي ڪارڪن طرفان مير مرتضيٰ چانڊيو، مظهر علي ملڪاڻي، باسط ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. سڪندر آباد ويجهو چونڊڪو شهر دڪاندارن خوبچند مل،نامون مل،  اوي ڪمار،مولوي نظير لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  شٽر ڊائون هڙتال ڪري  احتجاجي مظاهرو  ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نينگري پريا ڪماري بازياب نه ٿيڻ تي سموري سنڌ سوڳوار آهي. مظاهرين چيو ته اڍائي سال گذرڻ باوجود پوليس نينگري کي بازياب ناهي ڪرائي سگهي. هنن مطالبو ڪيو ته نينگري پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
53 %
1.6kmh
0 %
اڱارو
24 °
اربع
30 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون