- Advertisement -
آمريڪا، معاشي ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل اقتصادي سڌارن جي واکاڻ ڪئي آهي.
پريس بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته آمريڪا پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف معاهدي جي آجيان ڪري ٿو.
ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان پنهنجي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، اقتصادي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي معاشي سڌارا واکاڻ جوڳا آهن.
ميٿيو ملر چيو ته ٽيڪنيڪل معاهدن سان گڏوگڏ واپار ۽ سيڙپڪاري تي ٻڌل لاڳاپا جاري رهندا، جڏهن ته واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا ٻطرفن لاڳاپن جي ترجيحن ۾ شامل آهن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن، ٻنهي ملڪن کي ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي.- Advertisement -
