- Advertisement -
ملڪاڻي شريف ويجهو شادي جي خوشيءَ ۾ فائرنگ دوران نوجوان فنڪار زخمي ٿي پيو آهي.
ڳوٺ بابو ماڇي ۾شاديءَ جي پروگرام ۾ خوشيءَ ۾ فائرنگ دوران مقامي فنڪار ديدار ماڇي زخمي ٿي پيو.
پوليس پهچي زخمي فنڪار کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.
پوليس جي پهچڻ کان اڳ جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس هڪ عيوضي کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو.- Advertisement -
