- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ اين اي 207 تي آصفه ڀٽو زرداري جي ڪاميابي خلاف داخل درخواست حيدرآباد سرڪٽ بينچ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾سڀاڻي درخواست جي ٻڌڻي ٿيندي.
آصفه ڀٽو زرداري جي ڪاميابي خلاف تحريڪ انصاف جي اميدوار غلام مصطفيٰ رند آئيني درخواست داخل ڪئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پ پ جي مخالف سمورن اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري آصفه ڀٽو کي غيرقانوني طريقي سان ڪامياب ڪرايو ويو.
غلام مصطفيٰ درخواست ۾ چيو آهي ته سندس ڳوٺ ۾ بجلي ناهي پر کيس بجلي جو بل نه ڀرڻ تي ڊفالٽر ڄاڻيو ويو آهي، آصفه ڀٽو جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏئي چونڊون ٻيهر ڪرايو وڃن…..- Advertisement -
