- Advertisement -
پاڪ فوج، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد خلاف سنگين الزامن جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
ذريعن موجب ميجر جنرل جاچ ڪميٽيءَ جي سربراهه ڪندو ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر ڪميٽي ۾ شامل هوندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج اهو فيصلو خود احتسابي جي عمل تحت شروع ڪيو آهي، جيئن فيض حميد تي فيض آباد ڌرڻي سميت جيڪي الزام آهن انهن جي شفاف جاچ ٿي سگهي.
فيض حميد کي اڱاري ڏهاڙي فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي هئي ۽ جاچ ڪميشن سموري ذميواري ان وقت جي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف تي مڙهي هئي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت اهڙي سفارش سان اتفاق نه ڪيو هو ۽ اربع ڏينهن فوجي قيادت فيض حميد خلاف اعليٰ سطحي جي جاچ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، جنهن جي رپورٽ جي روشني ۾ ڪاررائي ڪئي ويندي.- Advertisement -
