تازه ترين

پاڪستان ۾ ٽيڪسيشن، توانائي ۽ نجڪاري جي اهم شعبن ۾ هاڪاري سڌارا اچي رهيا آهن : محمد اورنگزيب

- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٽيڪسيشن، توانائي ۽ نجڪاري جي اهم شعبن ۾ هاڪاري سڌارا اچي رهيا آهن. پاڪستان جي آئوٽ لڪ تي  جي پي مورگن سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت آءِ ايم ايف سان ڊگھي مدتي پروگرام ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ ملاقات ڪئي جتي هن پاڪستان کي چيلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ تي آءِ ايم ايف ۽ ٻين بئنڪن جا ٿورا مڃيا. ٻئي پاسي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب امريڪي راڄڌاني واشنگٽن ۾ امريڪي پرڏيهي کاتي جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو ۽ پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري ايلزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ آئي ٽي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ معدنيات جي شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جي موقعن جي نشاندهي ڪئي وئي، جڏهن ته گڏيل ترقي لاءِ يو ايس انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن ۽ ايگزم بئنڪ سان ويجهي سهڪار جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڊيوچ بئنڪ جي نمائندن سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گرين بانڊز جاري ڪرڻ لاءِ پائيدار مالياتي فريم ورڪ جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پاڪستان حڪومت سان ڊيوچ بينڪ جي تعاون کي ساراهيو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون