- Advertisement -
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان آمريڪا ۾ آءِ ايم ايف جي اسٽاف ايسوسيئشن، موڊيز انويسٽر سروس جي آفيسرن، ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ ۽ سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ جي سي اي او سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري پڌرائي موجب، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي پاڪستان اسٽاف ايسوسيئيشن آف آءِ ايم ايف سان ملاقات ۾ ايسوسيئيشن کي حڪومت جي سڌارا ايجنڊا بابت بريفنگ ڏني وئي.
ناڻي واري وزير ٽيڪس جي بنياد ۾ توسيع، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن، پرائيويٽائيزيشن ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فروغ بابت وضاحت ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت جي بحالي ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مالياتي نظم و ضبط تي سختي سان عمل ڪرڻ سڌارن جي ايجنڊا ۾شامل آهي.
ملٽي ليٽرل انويسٽمينٽ گارنٽي ايجنسي جي ايگزيڪيوٽو نائب صدر هيروشي ماتانو سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ جاري معاشي سڌارن، سيڙپڪاري جي ماحول ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ناڻي واري وزير موڊيز انويسٽرس سروس جي آفيسرن سان به ملاقات ڪئي ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته ريٽنگ ايجنسي جلد ملڪ جي ڪريڊٽ ريٽنگ کي اپ گريڊ ڪندي.
آمريڪا ۾ ناڻي واري وزير برطانوي مملڪتي وزير اينڊريو مچل سان به ملاقات ڪئي ۽ برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ کي پاڪستان ۾ بينڪ ايبل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سيڙپڪارن سان گول ميز ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سعودي فنڊ فار ڊولپمينٽ جي سي اي او سلطان عبدالرحمان سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي کان چمن اين 25 ۽ ديامير ڀاشا ڊيم جي فنڊنگ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ناڻي واري وفاقي وزير سٽي بئنڪ جي آفيسرن سان به ملاقات ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته پاڪستان ڪاميابيءَ سان يورو بانڊ جي بروقت ادائيگي ڪئي آهي.
واضح رهي ته ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف سان پيڪيج تي ڳالهين لاءِ وفد سان گڏ آمريڪا ۾ آهي.- Advertisement -
