- Advertisement -
آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جي درخواست منظور ڪري ورتي، ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف جو وفد نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندو، ڳالهيون نئين قرض پروگرام ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن تي ٿينديون.
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نئين قرض پروگرام بابت اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جي درخواست منظور ڪري ورتي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب طرفان آءِ ايم ايف کي نئين قرض پروگرام لاءِ درخواست ڏني وئي هئي جيڪا منظور ڪئي وئي آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب، ايندڙ مهيني آءِ ايم ايف جو وفد نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندو، ڳالهيون نئين قرض پروگرام ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تجويزن تي ٿينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف کي 2 درخواستون ڏنيون ويون، ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسليٽي جي درخواست منظور ٿي، ٻي درخواست تي مشن پاڪستان جي دوري دوران جائزو وٺندو، ايڪسٽنڊڊ فنڊ فيسيليٽي تحت پاڪستان لڳ ڀڳ 6 ارب ڊالر جو قرض وٺي سگهندو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف جو نئون قرض پروگرام ٽن سالن کان وڌيڪ مدي لاءِ ٿيڻ جو امڪان آهي.- Advertisement -
