تازه ترين

مديجي: ڳوٺ قادر بخش جتوئي ۾ پراڻي تڪرار تان زال مڙس قتل، ڌيءُ زخمي

- Advertisement -
مديجي ويجهو ڄهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان زال مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ سندن ڌيءُ زخمي ٿي پئي، لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڳوٺ قادر بخش جتوئي ۾ هٿياربندن پراڻي تڪرار تان گوليون هڻي 40 ورهين جي طالب شر ۽ سندس گهر واري نهالا خاتون  کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ سندن 11 سالن جي ڌيءُ آمنه شر گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زال مڙس جا لاش ۽ زخمي نينگري کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. پوليس موجب شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ناصر آفتاب واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي شڪارپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڊي آءِ جي ناصر آفتاب جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شڪارپورٽ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي، ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او کي جوابدارن جي گرفتاري تائين واقعي واري هنڌ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
42 %
1.1kmh
0 %
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون