تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻن رينجرز اهلڪارن سميت 4 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ٻن رينجرز اهلڪارن سميت چار ڄڻا فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا. اسلام ڪوٽ ويجهو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب پاڪ رينجرز جي گاڏي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ٻه اهلڪار فوت ۽ 20 زخمي ٿي پيا. ڳوٺ آڏي جو تڙ ويجهو حادثي ۾ رينجرز اهلڪار شاهد ڪنڀر ۽ ابراهيم راهمون فوت ٿي ويا ۽ 20 زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوت ٿيل رينجرز جي اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي رورل هيلٿ سينٽر اسلام ڪوٽ آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي حوالي ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته گاڏي ۾ رينجرز جا 25 اهلڪار سوار هئا، گاڏي نينگر پارڪر کان اسلام ڪوٽ اچي رهي هئي ته ڳوٺ آڏي جو تڙ ويجهو حادثي جو شڪار ٿي وئي. هوڏانهن گمبٽ ويجهو قومي شاهراهه تي مزدا جو ٽڪر لڳڻ سبب چوٿين ڪلاس جو شاگرد فوت ٿي ويو. درگاهه ريجهه علي شاهه چوڪ وٽ حادثي ۾ نينگر مزمل کهڙو فوت ٿي ويو. اطلاع تي موٽروي پوليس پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. کور واهه ويجهو بچل واٽر لنڪ روڊ تي ٽريڪٽر جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نينگر فوت ٿي ويو. ڳوٺ گل مير شاهه وٽ حادثي ۾ 16 سالن جو محمد موسيٰ موقعي تي فوت ٿي ويو. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نينگر جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نينگر جو لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
42 %
3.7kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
23 °

تازه ترين خبرون