- Advertisement -
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جا ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن جي ٻڌڻي اڄ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي.
جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ اڄ ساڍي يارهين وڳي فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪندي.
جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان به بينچ جو حصو آهن.
واضع رهي ته گذريل ٻڌڻي تي سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کان فوجي عدالتن مان 3 سال قيد جي سزا ٻڌايل جوابدارن جا تفصيل طلب ڪيا هئا، عدالت عيدالفطر کان هڪ سال اڳ سزا ڪاٽيندڙ 20 جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، اٽارني جنرل عيد الفطر تي آزاد ڪيل جوابدارن جا تفصيل سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايا هئا.- Advertisement -
