تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي. ملڪ ۾ مختلف شهرن ۾ ريليون ۽  تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن. سڄي ملڪ ۾ اڄ  عام موڪل هوندي به پورهيت اڄ به ڪم ۾ رڌل آهن. پورهيتن جي ڏينهن تي گوگل جو ڊوڊل به تبديل ڪيو ويو آهي. صحبت پور ۾ پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي تي مزدور يونين پاران محمد اقبال عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. پورهيتن جي قربانين ۽ سندن حقن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اڄ پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. پهرين مئي 1886ع تي آمريڪي شهر شڪاگو جا پورهيت سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن جي استحصال خلاف روڊن تي نڪري آيا هئا، پر پوليس جلوس تي فائرنگ ڪري سوين پورهيتن کي قتل ۽ زخمي ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڪيترن پورهيتن کي ڦاهي ڏني وئي. شڪاگو جي پورهيت سان ٻڌي جي اظهار لاءِ پهرين مئي تي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ پورهيتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. هر سال پهرين مئي تي اهو ڏينهن ان عزم سان ملهايو ويندو آهي ته پورهيتن جي معاشي حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون. پاڪستان ۾ پورهيتن جو ڏهاڙو قومي سطح تي ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ ٿي. پورهيتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان ملڪ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
41 %
2.6kmh
98 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون