- Advertisement -
غير قانوني طور ترسيل افغان شهرين جي وطن واپسي جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته هن وقت تائين عورتن ۽ ٻارڙن سميت 5 لک 56 هزار 548 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري وطن واپس وڃي چڪا آهن.
پاڪستان ۾ غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جو پنهنجي وطن واپسي جو سلسلو بنا وقفي جي جاري آهي.
هن وقت تائين عورتن ۽ ٻارڙن سميت پنج لک 56 هزار 548 غيرقانوني طور ترسيل افغان شهري وطن واپس وڃي چڪا آهن.
22 اپريل کان 30 اپريل تائين 13 هزار 567 افغان شهري وطن واپس ويا جن ۾ 5 هزار 412 مرد، 3 هزار 458 عورتون ۽ 4 هزار 697 ٻارڙا شامل هئا.
افغانستان روانگي لاءِ 632 گاڏين ۾ 512 خاندانن جي وطن واپسي عمل ۾ آئي.- Advertisement -
