سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪوٽڙي ۾ رڪشا ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 2 عورتون فوت ٿي ويون. حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت سدا زال چندر باگڙي ۽ چندرما زال گوپي زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويون، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻنهي عورتن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي نيوز سبزي منڊي گيٽ نمبر ٻه ويجهو روڊ حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. نواب ولي محمد ۾ بهه جي ٽرڪ کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل پورهيت  علي شير ملاح زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. علي شير ملاح ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18 ° C
18 °
18 °
37%
2.3m/s
26%
خميس
18 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °
آچر
24 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون