آزاد پريس عالمي اهميت جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي : صدر آصف علي زرداري

- Advertisement -
صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آزاد پريس عالمي اهميت جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته موسمياتي تبديلي، گرين ٽيڪنالاجيز، گدلاڻ ۽ گلوبل وارمنگ سميت عالمي مسئلن جي آگاهي ۾ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي. سندس چوڻ هو ته اڄ هو ميڊيا کي ائين موجب آزاد ۽ خودمختار بڻائڻ لاءِ ماحول جوڙڻ لاءِ عزم سان گڏ صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، صحافت جي آزادي جو عالمي ڏينهن کين پنهنجي ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي صورتحال بابت غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هڪ ڏينهن صحافين هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جي ياد ڏياريندو آهي، هڪ آزاد پريس عالمي اهميت جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، ڪوڙين خبرن، تهمتون ختم ڪرڻ ۽ معاشري جي نگراني ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. صحافت جي آزادي واري عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم شهباز شريف صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن کي سلام پيش ڪندي حريت فڪر جي محافظن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته غزا ۾ ڪوريج دوران جان قربان ڪندڙ صحافي هيرو آهن، ڏاڍ سان ويڙهه ۽ سچائي کي سامهون آڻڻ ئي صحافت جي عالمي ڏينهن جو پيغام آهي. سندس چوڻ هو ته اظهار جي آزادي جمهوريت جو بنياد ۽ معاشري ۾ سچائي جي پڪار آهي، ڌرين کي ميڊيا لاءِ سازگار ماحول لاءِ گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل 16 مهينن واري سندن حڪومت جي قدمن سان پاڪستان جي پريس فريڊم جي عالمي انڊيڪس ۾ ست درجا بهتري آئي، 16 مهينن جي حڪومت دوران ميڊيا جي تحفظ لاءِ قانون سازي ٿي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
43%
2m/s
56%
اربع
20 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون