ٺري ميرواهه: پرياڪماري جي بازيابي لاءِ جي ڊبليو سيي جي احتجاجي ريلي

- Advertisement -
ٺري ميرواهه ۾ جرنلسٽس، رائيٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ، پيس اينڊ جسٽس پاران سنگرار واسڻ نينگري پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر شوڪت نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پراڻي ناڪي چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. ريلي ۾ سول سوسائٽي، ساڃاهه وندن، وڪيلن، اديبن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته 32 مهينن کان وڌيڪ عرصو اڳ سنگرار مان نينگري پريا ڪماري کي اغوا ڪيو ويو هو. هنن چيو ته پريا ڪماري کي آسمان کائي ويو ۽ زمين ڳهي وئي آهي، پوليس ۽ انتظاميه اڃا تائين نينگريءَ  جي بازيابيءَ لاءِ ڪي قدم نه کنيا آهن. اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نينگري پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
35%
4.5m/s
24%
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون