- Advertisement -
خانپور مهر ڀرسان پوليس جو ڏوهارين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري.
گوپو پتافي، ڪنڊير سهانجڙو بوزدار، پير بري ۽ ٻين علائقن کي ڪڙو چاڙهي آپريشن ڪيو ويو.
آپريشن دوران 4 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڏوهارين جي 4 گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو ۽ 5 گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا.
ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ڪچي ۾ هجن جا پڪي ۾ هجن سندن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي.
سمير نور چنا جو چوڻ هو ته جيڪو ضلعي جو امن خراب ڪندو کيس بخش نه ڪيو ويندو.- Advertisement -
