وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ بابت فيصلو سي اي سي ڪندي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ بابت فيصلو سي اي سي ڪندي، ملڪي مفاد ۾ وفاقي سرڪار سان سهڪار جاري رکيو ويندو،  حڪومت سنجيدگي سان ملڪي مسئلا حل ڪري رهي آهي، ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي مايوسي پکيڙي رهيا آهن، ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪيو ويندو. ملير هالٽ وٽ ريڊ لائن منصوبي تي جاري ڪم جو معائنو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نگران حڪومت اکيون بند ڪري سمهي پئي هئي، اڄ به ٽرانسپورٽ کاتو ڪم ڪري رهيو آهي،ييلو لائن بي آر ٽي تي به هنن ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ريڊ لائن بي آر ٽي سنڌ جو اهم براجيڪٽ آهي، بي آر ٽي پهرين بائيو گيس تي هلندڙ بس هوندي، بي آر ٽي منصوبي کي هر صورت ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي بابت مسئلا حل ڪيا ويندا، ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي سان عوام کي جديد ۽ سستي سفر سهولت ملندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منصوبي سبب يونيورسٽي جي شاگردن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئي ٿو جنهن جو اندازو آهي، جيڪو ڪم هڪ سال ۾ ٿيندو هجي هو چاهن ٿا ته ڇهن مهينن ۾ مڪمل ٿي وڃي. هن چيو ته ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان تما گهڻا پراجيڪٽ هلي رهيا آهن، سڀني کي ملڪ جي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرڪ بسن ۾ ڪجهه مسئلا اچي رهيا آهن، جتي بسون چارج ٿينديون آهن، اتي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته مهانگائي سڄي ملڪ ۾ آهي، ملڪ ترقي جي رستي تي هلي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهو مايوسي جون ڳالهيون ڪندا آهن، پاڪستان وڌيڪ ڪابه مهم برداشت نٿو ڪري سگهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته 9 مئي تي تحريڪ انصاف باني عوام کي ورغلايو، پنهنجي اقتدار لاءِ ڪو ليڊر عوام کي بيوقوف بڻائي ته سندس ڳالهه نه ٻڌڻ گهرجي، 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، ڪراچي ۾ بسن ۽ ايمبولينسز کي باهه ڏني وئي، جناح هائوس کي نقصان پهچايو ويو. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته جن معصوم ٻارن کي تحريڪ انصاف باني استعمال ڪيو اهي جيلن ۾ آهن، هي سبق آهي ته ڪوبه ليڊر تشدد جي تربيت ڏئي ان کي نه ٻڌڻ گهرجي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هو وفاق ۾ ناهن، هو حڪومت کي ڪم ڪرڻ کان نه روڪي رهيا آهن،  جيڪو به ڪم ملڪ جي فائدي ۾ هوندي ان ۾ پيپلزپارٽي گڏ بيٺل هوندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سي اي سي جيڪي فيصلا ڪيا هئا هو انهن فيصلن تي هلي رهيا آهن، وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ بابت فيصلو سي اي سي ڪندي، ملڪي مفاد ۾ وفاقي سرڪار سان سهڪار جاري رکيو ويندو، حڪومت سنجيدگي سان ملڪي مسئلا حل ڪري رهي آهي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.8 ° C
22.8 °
22.8 °
29%
2.6m/s
1%
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °

تازه ترين خبرون