ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي آفيس جو دورو

- Advertisement -
ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۽ سنڌ ۾ سياحت لاءِ بهترين جڳهون موجود آهن، سياحت جي سيڪٽر کي هٿي وٺرائي ملڪي معشيت ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. ڪي پي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت کاتي جي آفيس جو دورو ڪيو. ڪي پي گورنر سنڌ جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي صوبن وچ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته ڪي پي ۽ سنڌ ۾ سياحت لاءِ بهترين جڳهون موجود آهن، سياحت جي سيڪٽر کي هٿي وٺرائي ملڪي معشيت ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته صوبن وچ ۾ سياحتي سرگرميون وڌائڻ جي ضرورت آهي، سياحت جي شعبي کي هٿ وٺرائڻ سان پرڏيهي سياح پاڪستان جو رخ ڪندا. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مذهبي سياحت جا ڪيترائي هنڌ موجود آهن جن تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
41%
3.8m/s
0%
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
30 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون