تازه ترين

9 مئي تي تاريخ جو ڪارو بات لکندڙن سان ڪا به سوديبازي يا ڊيل نه ٿيندي: آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته 9 مئي تي تاريخ جو ڪارو بات لکندڙن سان ڪا به سوديبازي يا ڊيل نه ٿيندي، ڀڙڪايل ماڻهن کي اڳ ئي شڪ جو فائدو ڏنو آهي، اصل جوابدار کي حساب ڏيڻو پوندو،  سانحي جو اصل جوابدار پاڻ کي معصوم ظاهر ڪري رهيو آهي ان کي ڪا ڍَر نه ملندي نه ئي ساڻس ڊيل ٿيندي، 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن، مددگارن ۽ جوابدارن کي ملڪي قانون  موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾آندو ويندو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم مينر لاهور گيريزن جو دورو ڪيو. جنرل عاصم منير وطن خاطر قربانيون ڏيندڙ شهيدن جي ڀيٽا پيش ڪري يادگار تي گل نڇاور ڪيا ۽ فاتحه پڙهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي فارميشن جي آپريشنل تيارين  تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪور هيڊڪوارٽر ۾ گيريزن آفيسرن کي خطاب ڪندي آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن جي خدمتن تي سندن واکاڻ ڪئي. جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته دشمن قوتون ۽ سندن سرپرست ڪوڙ، جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا ذريعي ڊجيٽل دهشتگردي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر قوم جي حمايت سان سمورن قوتون جا ارادا ناڪام بڻايا ويندا.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.7 ° C
28.7 °
28.7 °
34 %
1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون