تازه ترين

پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ ملاقات ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ ٻه طرفي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ اڪنامڪس اينڊ ايويليو ايشن ڊائريڪٽوريٽ، فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊويلپمينٽ آفيس لنڊن جي چيف اڪنامسٽ ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر عدنان خان موجود هئا. برطانوي وفد پاڪستان حڪومت طرفان ايجوڪيشن ايمرجنسي جي قدمن جي ساراهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان، برطانيا ۽ ٻين ملڪن سان سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ زراعت، غذائي تحفظ، انفارميشن ٽيڪنالاهي، سياحت، کاڻ جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ ڪيترائي موقعا موجود آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو حڪومتي گورننس جي ڍانچي ۽ ادارن جي سڌارن طرف هلي رهيا آهن، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊجيٽلائيزيشن قطعي مرحلي ۾ آهي، ملڪي معيشيت جي بحالي لاءِ ميڪرو ۽ مائڪرو اڪنامڪ سطح تي قدم کڻي رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.9 ° C
30.9 °
30.9 °
29 %
4.9kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °

تازه ترين خبرون