تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽيڪس نه ڏيندڙن جي موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي

- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽيڪس نه ڏيندڙن جي موبائل سمز بلاڪ ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته عدالت موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ کان نه رڳو خانگي ڪمپني خلاف ڪارروائي کان روڪيو هو، جيڪڏهن ڪو ٽيڪس نه ٿو ڏي ۽ سندس نالي تي ٻار سم استعمال ڪري رهيو آهي ته ڇا ڪندا؟ غريب ماڻهو ڇا ڪندو جنهن پاڻ کي رجسٽرڊ ئي نه ڪرايو آهي؟. اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٽيڪس نه ڏيندڙن جون موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان اڄ اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ آهيو، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته موبائل سمن وارو آرڊر هو، جنهن جو منع نامو خارج ڪرائڻو هو. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته ميڊيا کي درخواست آهي ته گذريل ڀيري جيڪو آرڊر ٿيو هو، اهو ائين نه هو جيڪو عام مزدور آهي اهو هن ۾ شامل نه هوندو، جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته جي بلڪل انهن کي ته نوٽيس ئي نه ويندو. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هن ۾ خوف اهو هوندو آهي ته ايف بي آر وارا هر هڪ کي پنهنجي لوپ ۾ وٺندا آهن، هاڻي هر ماڻهو وڃي ٻڌائي رهيو آهي ائين ناهي، هاڻي ڪير ڪير ويندو ايف بي آر وٽ ڪو رول ريگوليشن به ته ڏنو. اسلام آباد هائيڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالت موبائل سمون بلاڪ ڪرڻ کان نه رڳو خانگي ڪمپني خلاف ڪارروائي کان روڪيو هو، جيڪڏهن ڪو ٽيڪس نه ٿو ڏي ۽ سندس نالي تي ٻار سم استعمال ڪري رهيو آهي ته ڇا ڪندا؟ غريب ماڻهو ڇا ڪندو جنهن پاڻ کي رجسٽرڊ ئي نه ڪرايو آهي؟. اٽارني جنرل عدالت کي منع نامو خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي جنهن تي عدالت نوٽيس جاري ڪندي 22 مئي تائين جواب طلب ڪري ورتو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
31 %
3kmh
64 %
ڇنڇر
18 °
آچر
22 °
سُومر
20 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون